جمن جَتيءَ جي مزار

جمن جَتيءَ جي مزار

جمن جَتيءَ جي مزار

جمن جَتيءَ جي مزار: هيءَ مزار سيوھڻ، شهر ضلعي ڄام شوري ۾ آهي. جمن جتيءَ جي مزار ۽ مقبرو قلندر لعل شهباز جي مقبري جي اتر ۽ اوڀر ۾ بند سان واقع آھي، جنهن جي ڀرسان اڙل واھ آھي. روايت آھي ته ھيءُ بزرگ قلندر شهباز جي دور جو آھي. سندس ٻه ڀائر ابراھيم شاھه ۽ متارو شاھ اڙل وٽ مسافر خاني جي ڀر ۾ پوريل آھن. مسافرخانو ھن وقت ڪچين سرن جو ٺھيل موجود آھي. پر ٻنھي ڀائرن جا مقبرا موجود نه آھن. جمن جتيءَ جو مقبرو ھڪ ٿلھي تي ٺھيل آھي، ٻوڏن سبب مقبرو ڪيترائي ڀيرا ڊھيو ۽ ٺھيو آھي. ھاڻي به مقبرو ڪريل آھي. هن جي مھاڙي پانيلن سان سينگاريل ھئي. وچون پانيل جيڪو سڀني کان وڏو ھو، اتي دروازو لڳل آھي. وچين ٻانھينءَ جي پاسي تي چار پانيل ٺھيل ھئا جيڪي حاشيي (Dado) کان مٿي ھئا، ھي پانيل چئني پاسن تي ٺاھيا ويا ھئا. پلويڙن جي ھيٺان خوبصورت ڪنگرا ٺھيل آھن. ونگون سڀ قرني (cusped) آھن. سيد جمن جتي بخاري ساداتن مان چيو وڃي ٿو. قلندر شهباز جي سيوهڻ ۾ آباد ٿيڻ کان اڳ عراق مان ھتي آيو ھو. قلندر شھباز جي اچڻ کانپوءِ سندس مريد ٿيو ۽ قلندري طريقو اختيار ڪيو. سندس مقبري تي ڪوبه ڪتبو وغيره لڳل نه آھي. مقبرو تباهه حال آھي، رڳو نشان بچيا آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو